ڪوٽڙي: مريضن ۽ اسپتال عملي ۾ جهيڙو
ڪوٽڙيءَ سائيٽ جي ڳتيل آبادي واري علائقي بهار ڪالونيءَ جي اسپتال ۾ مريض جو وقتائتو علاج نه ڪرڻ تي مريضن سان آيل وارثن ۽ اسپتال عملي ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
جهيڙي دوران ڊسپينسر ساجد پنهور ۽ سليم پنهور کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
اطلاع ملڻ تي سائٽ پوليس اسپتال پهچي جهيڙي کي وڌڻ کان روڪيو.
اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر عبدالقبير ڪولاچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مريضن سان ايندڙ وارث اجايو جذباتي ٿين ٿا.
هن چيو ته علاج ۾ ٿوري دير ڪرڻ تي اسپتال جي عملي مٿان حملو ۽ ليڊيز اسٽاف کي ڊيڄاريو ويو.
سندس چوڻ هو ته عملي کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ان موقعي تي اسٽاف ليڊيز ملازمن به تحفظ ڏيڻ جي گهرڪئي.
هوڏانهن اسپتال عملي سان جهيڙي هيٺ آيل بهار ڪالوني واسي نسيم شيخ چيو ته موٽر سائيڪل تان ڪرڻ سبب پٽن کيس اسپتال پهچايو، جتي ڊسپينسر ساجد پنهور فوري طبي امداد ڏيڻ بدران چانهه پئيڻ بعد ملم پٽي ڪرڻ لاءِ چيو.
هن چيو ته ڊسپينسر جي ان ڳالهه تي سندس پٽ احتجاج ڪيو، جنهن تي ڊسپينسر ساجد پنهور چانهه جو ڪپ پٽ مٿان اڇلايو، جنهن ڪري ڏند چڪ ٿي، باقي تشدد جو الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
ٻئي پاسي پوليس ڪيس داخل ڪري جهيڙي الزام ۾ شميم شيخ کي گرفتار ڪري ورتو .