ڪوٽڙي ڀرسان 7 ورهين جي نينگري سان ڏاڍائي
ڪوٽڙي ڀرسان 7 ورهين جي نينگري سان ٽن جوابدان پاران مبينا ڏاڍائي ڪوشش ڪئي وئي
ڄامشوري ڀرسان کاڻوٺ ۾ ستن ورهين جي نينگري ڪشف ملاح سان ٽن جوابدارن جمعو ملاح، امير ملاح ۽ سليم عمراڻي مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي .
نينگري جي پيءُ مشتاق ملاح کاڻوٺ ٿاڻي تي پهچي ٽنهي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي.
ان موقعي تي نينگري جي پيءُ مشتاق ملاح ٻڌايو ته جوابدار ڌيءُ کي خرچي بهاني ورغلائي پاڙي ۾ گهر ۾ وٺي مبينا ڏاڍائي ڪئي.
هن چيو تھ نينگري جي مامي الياس ملاح جوابدارن کي شڪي حالت ۾ ڏسي گهر اندر ويو ته جوابدار فرار ٿي ويا.
هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او کاڻوٺ محمد هاشم بلو ٻڌايو ته نينگري جي وارثن 3 ڄڻن خلاف اهڙي شڪايت اين سي داخل ڪرائي آهي جڏهن ته ٻارڙي کان به بيان ورتو آهي، جنهن کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڪوٽڙي اسپتال موڪليو آهي .
هن چيو تھ ميڊيڪل رپورٽ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو .