اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، فليگ شپ ريفرنس ۾ رهيل بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.
اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، فليگ شپ ريفرنس ۾ رهيل بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.
احتساب عدالت ۾ جج ارشد ملڪ فليگ شپ ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پيش ٿيو، جنهن دوران هن پنهنجو رهيل بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.
نواز شريف جو چوڻ هو ته هو پاڪستان جو پٽ آهي ۽ وطن جي ذري ذري سان پيار ڪري ٿو.
هن چيو ته سياست ۾ سندس ڪاروبار ۽ خاندان کي نشانو بڻايو ويو.
نواز شريف چيو ته بدنيتي تحت ڪيس ٺاهيا ويا، مٿن لڳايل سمورا الزام ڪوڙا ثابت ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اهڙي طرح شايد ڪنهن جو احتساب ٿيو هجي.
نواز شريف چيو ته ڇا سمورن ڪاروباري ماڻهن کي ڪٽهڙي ۾بيهاريو ويندو؟، سڀاڻي الله پاڪ جي عدالت ۾به وڃڻو آهي………..