ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي قاتلن گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڙڪاڻو ۾ بي دردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي قاتلن گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾سول سوسائٽي پاران بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي واري واقعي خلاف لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
وقار چانڊيو، ثناءَ الله، احمد اڪبر ڦل، ناظم چانڊيو، آفتاب چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو تھ نمرتا جي تازو آيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ثابت ٿيو آهي ته نمرتا کي هاسٽل اندر ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو آهي.
هنن چيوتھ ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود به قاتل گرفتار نه ٿيا آهن نه وري نااهل وي سي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪيون ٿا.
مظاهرو ڪندڙن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي عهدي تان هٽائي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي .
نصيرآباد ۾ سول سوسائٽي جي نوجوانن پاران لاڙڪاڻو ۾ بي دردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي قاتلن گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
پرديپ ڪمار، هريش ڪمار، سينگار نوناري، جي ايم سنڌي ۽ ٻين مظاهرو ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نوناري محلي کان شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪري تعلقھ پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو تھ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جو قتل سڄي سنڌ جو قتل آهي.
هنن چيوتھ سندن نياڻيون تعليم حاصل ڪري ڪنھن اعلي مقام تي پھچڻ لاءِ پنھنجيون خواھشون ۽ مقصد کڻي درس گاھن جو رخ ڪن ٿيون پر اتي بي دردي سان کين قتل ڪيو پيو وڃي.
سندن چوڻ هو تھ حڪومت ۽ درسگاهن جي انتظاميا انھن جي تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.
هنن اعليٰ اختيرارن کان مطالبو ڪيو تھ فوري طور تي وائيس چانسلر کي هٽائي ملوث قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ميرپورماٿيلو ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ ڀٽائي چوڪ ميرپورماٿيلو اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فقير رمضان ڪلوڙ، محمد موسا کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر نمرتا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، پر اڃان تائين سندس قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن.
هنن چيو ته آصفه ڊينٽل ڪاليج جي وي سي انيلا رحمان ڊاڪٽر نمرتا جي قتل ۾ ملوٽ آھي کيس بنادير هٽائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.
هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري وي سي انيلا رحمان کي برطرف ڪيو وڃي.
باڊهه ۾ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
صدر منور علي نوناري، ڪامريڊ احمد بشير نوناري، خير محمد ملاڻو ۽ ٻين باڊهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڊاڪٽر نمرتا جو قتل سنڌ جي شعور ۽ سونهن جو قتل سمجهن ٿا.
هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌي نياڻين کي تعليمي ميدان مان ٻاهر رکڻ لاءِ نياڻين جو قتل يا کين جنسي حوس جو نشانو بنائڻ لاءِ حراسا ڪرڻ جهڙا واقعا ڪرايا وڃن ٿا.
سندن چوڻ هو تھ نااهل وي سي کي فوري طور هٽائي نمرتا واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪري ڊاڪٽر نمرتا جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.