وزيراعظم عمران خان اڄ دبئي روانو ٿيندو
وزيراعظم عمران خان اڄ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ دبئي روانو ٿيندو
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شرڪت لاءِ اڄ خاص اڏام ذريعي دبئي روانو ٿيندو.
ذريعن موجب ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير فواد چوڌري به وزيراعظم سان گڏجي دبئي ويندا.
وزيراعظم آفيس جي جاري ٿيل پڌرائي موجب عمران خان يو اي اِي جي شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي دعوت تي ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪندو.
وزيراعظم سمٽ ۾ پنهنجي خطاب دوران مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجي وزن تي روشني وجهندو.
سالياني عالمي اجلاس ۾ مختلف ملڪن ۽ حڪومتن جا سربراهه، پاليسي ٺاهيندڙ، سرماياڪار ۽ ماهر شرڪت ڪندا .
جڏهن ته وزيراعظم عمران خان گڏيل عرب عمارات جي قيادت سان به ملاقات ڪندو.