ڀارت ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب 92 ڄڻا فوت ٿي ويا
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ 64 ۽ اتر کنڊ ۾ 24 ڄڻا ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيا آهن.
هندستاني ميڊيا ڪامورن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته 22 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،جن کي مختلف اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
هوڏانهن سماج وادي پارٽي جي صدر جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جي ڪري بي جي پي حڪومت زهريلي شراب ڪٿام ناهي ڪري سگهي، جنهن ڪري هي هاڃو پيش آيو آهي.