12 اپريل کان پاڻي جي مقدار ۾ واڌ جو اعلان
ارسا پاران 12 اپريل کان پاڻي جي مقدار ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي
ارسا جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مظفر ڳڙهه ۽ ڊي جي خان جي واهن ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ 4 هزار ڪيوسڪ جو واڌارو ڪيو ويندو .
ارسا موجب پنجاب کي پاڻي جي فراهمي 69 هزار ڪيوسڪ ٿي ويندي جڏهن ته سنڌ کي 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو.
ارسا ترجمان ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه کي 3 هزار هڪ ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو جڏهن ته بلوچستان جو واهه شيڊول موجب بند آهن .
ارسا پڌرائي موجب ٽنهي صوبن کي واڌو پاڻي جي فراهمي 12 اپريل کان شروع ڪئي ويندي .