نوابشاهه: ٻارڙن کي ڦڙا نه پيارڻ تي پرنسپال گرفتار
نوابشاهه جي ايئرپورٽ پوليس ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار تي خانگي اسڪول جي پرنسپال کي ڪري ورتو.
شهيد بينظير آباد جي ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق لاٽڪي، نوابشاهه جي علائقي منوآباد ۾ هڪ خانگي اسڪول جي پرنسپال طيب زمان يوسفزئي کي ايئرپورٽ ٿاڻي هٿان گرفتار ڪرايو.
گرفتاري بعد ٿاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خانگي اسڪول جي پرنسپال طيب زمان يوسفزئي چيو ته اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جي وارثن نوابشاهه ۾ ارڙي ويڪسين واري معاملي کي سامهون رکندي کيس ڦڙا پيارڻ کان روڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته صحت کاتي پاران جئين ئي ٽيم سندس اسڪول پهتي ته هن والدين جي هدايت تي ان کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان روڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميه ٻارڙن جي وارثن کي مطمئن ڪري ته کيس ڪوبه اعتراض نه هوندو.
ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق لاٽڪي چيو ته ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ هر ڪنهن جو قومي فرض آهي، انهيءَ ڪري پرنسپال پاران انڪار ڪري تي افسوس آهي.
هن چيو ته هن پرنسپال کي چيو ته ڦڙا پيارڻ سان جيڪڏهن ڪنهن به ٻار کي نقصان پهتو ته هو ذميوار هوندو، ان باوجود طيب زمان يوسفزئي ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ نه ڏنا.
ڊي سي چيو ته پرنسپال جي اهڙي عمل تي سندس خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ قومي مهم کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.