نريندر موديءَ خلاف ثبوت هٿ
ڀارتي رياست گجرات ۾ 2002ع ۾ ٿيل مذهبي وڳوڙن دوران تڏهوڪي رياستي وڏي وزير ۽ موجوده وزيراعظم نريندر موديءَ جي لاپرواهي ۽ وڳوڙن کي هٿي ڏيڻ جو هڪ وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويو آهي.
اولهندي ڀارتي رياست گجرات ۾ 2002ع ۾ ٿيل مذهبي وڳوڙ روڪڻ جي ذميوار تڏهوڪي فوجي عملدار ليفٽيننٽ جنرل ضمير الدين شاهه پنهنجي تازو شايع ٿيل ڪتاب ”دي سرڪاري مسلمان“ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جيڪڏهن کين وقت سر گاڏيون ۽ ٻيون سهوليتون ڏنيون وڃن ها ته سوين ماڻهن جون حياتيون بچي پئي سگهيون.
هن چيو ته وڳوڙ روڪڻ جو حڪم ملندي ئي فوجي دستا هوائي فوج جي جهازن ۾ سوار ٿي احمد آباد پهتا ۽ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت هوائي اڏي تي ويٺا رهيا پر رياستي حڪومت سندن لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست نه ڪيو.
جنرل ضمير الدين شاهه وڌيڪ لکيو آهي ته هوائي اڏي تي ٽرانسپورٽ جو انتظام نه ڪرڻ ”انتظامي غلطي“ هئي، جيڪڏهن فوج کي احمد آباد پهچندي ئي گاڏيون ملي وڃن ها ته وڳوڙ جلدي روڪي پئي سگهيا.
هن چيو ته کين چيو ويو هو ته جڏهن هو پهچندا ته کين گاڏيون، مئجسٽريٽ، پوليس گائيڊ ۽ سيل فون ملندا، پر اُتي سندن هڪ برگيڊ کانسواءِ ڪو ٻيو نه هو.
جنرل ضمير الدين شاهه موجب هو هوائي اڏي کان سڌو وزيراعليٰ هائوس ويو جتي تڏهوڪو بچاءَ وارو وزير جارج فرنينڊس به موجود هو.
سندس چوڻ هو ته هن کين ٻڌايو ته ڪهڙين شين جي ضرورت پوندي، اِهو چئي هو واپس هوائي اڏي تي موٽي آيو پر سڄي رات ۽ ٻيو ڏينهن سڄو انتظار ۾ گذري ويو پر ڪجهه به مليو، نيٺ ٽئين ڏينهن يعني 2 مارچ تي صبح جو ڏهين وڳي کين گاڏيون ۽ گائيڊ فراهم ڪيا ويا.
هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جنرل ضمير الدين شاهه چيو ته ٽن ڏينهن اندر هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا هئا تنهنڪري اِهو چئي سگهجي ٿو ته ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهن جي حياتي بچي به وڃي ها.
سندس موجب جڏهن هو احمد آباد شهر مٿان اڏام ڪري رهيا هئا ته هن ڏٺو ته سڄي شهر ۾ هنڌ هنڌ باهه لڳل هئي.
جنرل ضمير الدين شاهه چيو ته مقامي پوليس حملو ڪندڙن جو ساٿ ڏئي رهي هئي ۽ حملو ڪندڙن هنڌ هنڌ اقليتي علائقن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو، پوليس يا ته سندن ساٿ پئي ڏنو يا وري هٿ تي هٿ ٻڌي ماٺ بيٺي هئي.
ڀارتي گجرات ۾ وڳوڙن دوران هڪ هزار لان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا هئا، جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي، اُن وقت رياست جو وڏو وزير بي جي پي سان تعلق رکندڙ نريندر مودي هو.
گجرات وڳوڙن جي جاچ سپريم ڪورٽ جي نگرانيءَ ۾ هڪ خاص ٽيم ڪئي هئي پر 16 سال گذرڻ باوجود به اڪثر ماڻهو چون ٿا ته کين انصاف ناهي مليو.
شهري ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ جو چوڻ آهي ته وڳوڙن بعد مسلمانن جا ڪيس داخل ئي نه ڪيا ويا هئا، جيڪڏهن ڪي ڪيس داخل به ڪيا ويا ته انهن جي جاچ صحيح نموني نه ڪئي وئي هئي.