سپر ماڊل ايان علي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ڪسٽم عدالت پاران جاري ڪيل ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ کي چيلينج ڪري ڇڏيو.
سپر ماڊل ايان علي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ڪسٽم عدالت پاران جاري ڪيل ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ کي چيلينج ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ايان علي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪسٽم جج جي موڪلڻ تي هجڻ سبب ٻڌڻي ڊيوٽي جج بينڪنگ عدالت ڪئي.
ايان علي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل پاران بيماري جي درخواست ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ جي باوجود گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.
ماڊل جي وڪيل عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته ايان علي 8 ڊسمبر تائين عدالت ۾ پيش ٿي ويندي.
عدالت ايان علي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڪسٽم ٽيم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……