لبناني وزير اعظم سعدالحريري، شريف خاندان کي معافي ڏيارڻ جي غلطي تسليم ڪئي آهي,فواد چوڌري
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي تھ لبناني وزير اعظم سعدالحريري، شريف خاندان کي معافي ڏيارڻ جي غلطي تسليم ڪئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽ تي بيان جاري ڪندي فواد چوڌري چيو تھ سعد الحريري ملاقات دوران ٻئي هٿ مٿي کڻي چيو تھ شريف خاندان کي معافي ڏيارڻ سندن وڏي غلطي هئي.
هن چيو تھ وزير اعظم عمران خان، لبناني وزير اعظم کي ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ نواز شريف لاءِ اين آر او جون ڳالهيون هلي رهيون آهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو تھ ملاقات دوران سعد الحريري، عمران خان کي چيو تھ شريف خاندان هڪ بھ ڪمٽمينٽ پوري ناهي ڪئي، جنهن تي کين شرمندگي ٿي.
هن چيو تھ لبناني وزير اعظم سعد الحريري نواز شريف کي پرويز مشرف کان اين آر او ڏياريو هو.