لاڙڪاڻي ۾ شادي تقريب ۾ اٿي بيهي نه ڳائڻ تان جوابدار فائرنگ ڪري فنڪارهه کي قتل ڪري ڇڏيو
لاڙڪاڻي ۾ شادي تقريب ۾ اٿي بيهي نه ڳائڻ تان جوابدار فائرنگ ڪري فنڪارهه کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال واقعي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
لاڙڪاڻي جي ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾جوڻيجا برادري جي شادي تقريب ۾ محفل دوران فنڪارهه ثمينه سنڏو ويهي ڳائي رهي ته گهوٽ کيس اٿي بيهي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي.
جنهن تي فنڪاره ثمينه سنڌو اٿي بيهي ڳائڻ کان انڪار ڪيو ته پويان بيٺل شخص فائرنگ ڪري ڏني.
جنهن جي نتيجي ۾ مقامي فنڪاره ثمينه سنڌو مارجي وئي.
پوليس واقعي جو اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي فائرنگ ڪندڙ شخص طارق جتوئي کي گرفتار ڪري و رتو.
ٻئي پاسي سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال فنڪارهه جي قتل جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻي کان تفصيلي رپورٽ ۽ پوليس ڪارروائي تي مشتمل رپورٽ فوري طور تي طلب ڪري ورتي……….