زرداري ۽ فريال طرفان پيش نه ٿيڻ جوفيصلو
مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران وڪيلن جي صلاح تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ پاران جعلي بينڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي 12 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ساڳي ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران ٻنهي شخصيتن کي 11 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو هو، پر وڪيلن جي صلاح مشوري کانپوءِ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي اڳيان پيش نه ٿيا ۽ وڪيلن ذريعي جواب داخل ڪرايو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري بلاول هائوس لاهور ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي حوالي سان وڪيلن سان صلاح مشورو ڪيو، جنهن ۾ اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ لطيف کوسا شامل هو.
ذريعن موجب آصف زرداري سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو پر وڪيلن کيس پيش نه ٿيڻ جي صلاح ڏني، جنهن کانپوءِ آصف زرداري جي قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي.
پيپلز پارٽي اڳواڻ نيئر بخاري جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس موڪليو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن سپريم ڪورٽ آصف زرداري کي زاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ته هو پيش ٿيندو.
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار نه ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو هو.