سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي ملير کانپوءِ ماڪڙ جا ڪٽڪ شهر اندر داخل ٿيڻ سبب ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي ملير کانپوءِ ماڪڙ جا ڪٽڪ شهر اندر داخل ٿيڻ سبب ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن.
ماڪڙ ملير ضلعي بعد شاهراهه فيصل، بهادر آباد، ڪورنگي، نيشنل اسٽيڊيم ۽ ٻين علائقن ۾ پهچي وئي.
بهادر آباد جي خانگي اسڪول ۾ ماڪڙ پهچڻ سبب شاگرد پريشان ٿي ويا.
ماڪڙ جي پهچڻ بعد اسڪول انتظاميا ٻارن کي ڪلاسن ۾ اماڻي ڇڏيو.
نيشنل اسٽيڊيم ۾ ماڪڙ پهچي وئي آهي.
ماڪڙ جي حملي سبب قائد اعظم ٽرافي جي ميچ روڪي وئي.
ڪورنگي، نارٿ ناظم ۽ ٻين علائقن ۾ ماڪڙ پهچڻ سبب شهري پريشان ٿي ويا آهن.
هوڏانهن ملير جي چئن ديهن ۾ ماڪڙ بابت روينيو کاتي رپورٽ اعليٰ اختيارين کي اماڻي ڇڏي.
اسٽنٽ ڪمشنر ملير فياض مهيسر چيو ته آچر ڏينهن کرکرو، ملهه، درساڻو چنو ۽ ٿاڻو ديهه ۾ ماڪڙ حملو ڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين ڪنهن به زميندار نقصان بابت رپورٽ ناهي ڪئي.
اسٽنٽ ڪمشنر ملير فياض مهيسر چيو ته ماڪڙ حملي بابت رپورٽ اعليٰ اختيارين کي موڪلي ڇڏي آهي………