سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست اڳواڻ ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ لاءِ سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.
تنگواڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن پير بخش بهلڪاڻي، فقير غلام حسين ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.
نوابشاهه، ڪنڊياري ۽ گهاري ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جوابدار کي بچائڻ پوليس مختلف بهانا ڪري رهي آهي.
هنن چيو ته هڪ شريف شهري کي ڏوهاري قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته هڪ ڏوهاري کي شريف طور پيش ڪيو پيو وڃي.
سندن چوڻ هو ته رحيم شاهه تي ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڀتي خور سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن.
احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو جيستائين جوابدار کي انجام تائين نه پهچايو ويندو تيستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو……