والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم گڏيل قومن تي حملي برابر آهي,بلاول
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم گڏيل قومن تي حملي برابر آهي، موديءَ جا هٿ گجرات جي مسلمانن جي رت سان رڱيل آهن، هاڻي هو ڪشمير جو ڪاسائي بڻجي چڪو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار طور مظفر آباد ۾ عيد نماز ادا ڪئي.
عيد نماز کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميرين جي حقن تي تاريخي حملو ڪيو ويو.
هن چيو ته مودي کي وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪ ڏيڻ بدران سندس مقابلو ڪرڻ گهرجي ها، بدقسمتي آهي جو پاڪستان ٻه ڀيرا مودي کي اليڪشن کتڻ تي واڌايون ڏنيون.
سندس چوڻ هو ته موديءَ جا هٿ گجرات جي مسلمانن جي رت سان رڱيل آهن، گجرات جو ڪاسائي هاڻي ڪشمير جو ڪاسائي بڻجي چڪو آهي، سندن مقابلو انتهاپسند وزيراعظم سان آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته هو ڪشمير لاءِ هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهي سگهن ٿا، ڪشميرن کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم گڏيل قومن تي حملي برابر آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت آصف زرداري کي عيد نماز پڙهڻ نه ڏني، کين جڏهن ڪشمير ڪاز جو بيان ڏيڻو هو ته قن وقت مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو، عيد جي رات عورت اڳواڻ سياستدان کي گرفتار ڪيو ويو، پر سندن قيادت خبر ناهي ڪٿي بيٺي آهي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته هو عمران خان جي انا سبب ڪشمير مسئلي تان پٺتي نٿا ٿي سگهن.