چئن اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽس جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ، خانگي اسڪولن ۾ وڌيڪ فيس وٺڻ واري ڪيس ۾ ڊي جي خانگي اسڪول ۽ چئن اسڪولن کي توهين عدالت جو نوٽس جاري ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي رڪني فل بينچ پرائيويٽ اسڪولن خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود اسڪولن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيس ورتي پئي وڃي.
وڪيل جو چوڻ هو ته ڊي جي اسڪول موجب فيس اسٽرڪچرز جو رڪارڊ برسات ۾ ضايع ٿي ويو آهي.
عدالت، سنڌ حڪومت کان منظور ٿيل فيس اسٽرڪچر جو رڪارڊ طلب ڪندي سمورن اسڪولن کي عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڊي جي خانگي اسڪول منسوب صديقي کي 19 نومبر تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.