مستونگ ويجهو چونڊ مهم دوران ريليءَ تي بم حملي ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 85 ڄڻا شهيد
مستونگ ويجهو چونڊ مهم دوران ريليءَ تي بم حملي ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جي ڀاءُ سراج رئيساڻي سميت 85 ڄڻا شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
ڪوئٽا کان 35 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اولهه ۾ تافتان شاهراهه ويجهو درينڳڙهه واري علائقي ۾ ان وقت ڌماڪو ٿيو، جڏهن پي بي 35 جو اميدوار سراج رئيساڻي هڪ جلسي ۾ شرڪت ڪري رهيو هو .
اطلاع موجب تازو ئي نئين جوڙيل سياسي پارٽي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار سراج رئيساڻي جي ڪارنر گڏجاڻي کي نشانو بڻايو ويو.
ضلعي مستونگ جي ڊپٽي ڪمشنر قائم خان لاشاري موجب سراج رئيساڻي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ هو ته ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي سميت 85 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن تھ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪري هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون.
ڌماڪي جي زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
پي بي 35 تان سراج رئيساڻي سامهون سندس وڏو ڀاءُ ۽ بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير اسلم رئيساڻي آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهي رهيو هو.
سراج رئيساڻي کي حڪومت جي ويجهو سمجهيو ويندو هو.
بلوچستان ۾24 ڪلاڪن دوران چونڊ جلسن تي ٽيون حملو آهي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مستونگ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان باصلاحيت سياستدان سراج رئيساڻي کي وڃائي ڇڏيو آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ٻين مستونگ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.