سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صفوران سانحي ۾ شريڪ جوابدارن جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ صفوران سانحي ۾ شريڪ جوابدارن جو ٽرائل روڪڻ بابت حڪم برقرار رکندي رينجرز جي پراسيڪيوٽر کي 30 جنوري تي پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صفوران سانحي ۾ شريڪ جوابدارن جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت پاران رينجرز پراسيڪيوٽر جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
عدالت جوابدارن خلاف ڪيس جو ٽرائل روڪڻ بابت حڪم برقرار رکي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرز پراسيڪيوٽر کي 30 جنوري تي پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
فوجي عدالت صفوران سانحي ۾ پنجن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.
صفوران سانحي ۾ جوابدار نعيم واجد ۽ سلطان قمر مٿان هٿيار رکڻ جو الزام آهي، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش نه ٿيڻ تي جوابدارن جا گرفتاري وارٽ جاري ڪيا هئا……………