والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪيل ڪرفيو 71 هين ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ فوجي مقرر آهن ۽ ڪاروباري مرڪز به بند آهن.
والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪيل ڪرفيو 71 هين ڏينهن به جاري آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ فوجي مقرر آهن ۽ ڪاروباري مرڪز به بند آهن.
ڀارتي حڪومت پاران ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي اڍائي مهينا ٿي ويا آهن، جنهنڪري واديءَ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ دوائن جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪرفيو باوجود مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مظاهرين ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ چڪريون معمول بڻيل آهن.
والاريل ڪشمير جي هر چوڪ، گهٽيءَ ۽ روڊ تي ڀارتي فوج جا ڪٽڪ لٿل آهن، جڏهن ته احتجاج کي روڪڻ لاءِ آپريشن ڪري نوجوانن کي گم ڪرڻ وارو سلسلو به جاري آهي.
واديءَ ۾ انٽرنيٽ سروس، ٽيليفون ۽ ٽي وي نشريات بند آهي، جڏهن ته ڪاروباري سرگرميون معطل هئڻ ڪري معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان پهچي چڪو آهي………