سنڌ جي مختلف شهرن ۾ الڳ الڳ روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ الڳ الڳ روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ميرپور بٺوري ڀرسان جاتي چوڪ روڊ تي جاگير اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل سوار نوجوان ٽرالر کان ڪراسنگ ڪندي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ٽرالر جي پوئين ٽالر ھيٺان اچي زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ هاشم ڳوڙاڻو جو رهواسي 25 سالن جو بشير کاڙڪ موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته بوھه سان ڀريل ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب ڪري زخمي ٿي پيو.
کيس تعلقي اسپتال بٺوري نيو ويو جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
غوثپور انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ تيز رفتار ٽرالر جو سامھون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ ڊرائيور زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ راجه غوث بخش بجاراڻي ڀرسان 2 ٽرالر پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويا جنهن جي نتيجي ۾ ميران شاھه واسي ظھير خان پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيو.
زخمي ٿيل ڊرائيو کي سندس ساٿي ڪلينر کڻائي صحت مرڪز پهچايو جتي سندس حالت نازڪ ھجڻ سبب رحيم يارخان منتقل ڪيووويو.
اطلاع بعد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڊرائيور کي سوگھو ڪري ٽرالر پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.
ھڱورجا ويجهو قومي شاهراهه تي ڪوچ جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر لڳڻ سبب ڊرائيور جمروز خان موقعي تي فوت ٿي ويو.
رسول آباد ڀرسان قومي شاھراهه تي سکر کان موري ويندڙ چنگچي رڪشا سان ڪوچ جو ٽڪر ٿيڻ سبب ڪي پي جي علائقي بنون واسي پيرسن جمروز خان دم ڏنو جڏھن ته عورت بيبي گلان پٺاڻ زخمي ٿي پئي جنھن کي ھڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتي جو مڙهه ۽ زخمي ناري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه ۽ زخمي عورتن کي وارثن حوالي ڪيو ويو.
آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.