پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست رد
چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب پنجاب حڪومت طرفان ججن جي سڪيورٽي وڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي چيف جسٽس رد ڪري ڇڏيو آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ججن کي معمول جي سڪيورٽي کانسواءِ وڌيڪ سڪيورٽي جي ضرورت ناهي، پر عام شهرين جي حفاظت لاءِ امن امان ۾ بهتري آندي وڃي.
پڌرائي موجب چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ججن جي اضافي سڪيورٽي جي ضرورت نه آهي.