چيف سليڪٽر انضمام الحق لاهور پهچي ويو
ورلڊڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم سان سليڪشن معاملن تي گڏ رهندڙ ۽ خانگي دوري تي چيريٽي لاءِ فنڊ جمع ڪندڙ چيف سليڪٽر انضمام الحق لاهور پهچي ويو آهي.
پي سي بي اعلان ڪيو آهي ته اڄ منجھند اڍائي وڳي انضمام الحق لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندو، جيڪڏهن هو پاڻ استعفيٰ ڏيندو ته ورلڊ ڪپ کانپوءِ پاڪستان ٽيم انتظاميا ۾ عهدو ڇڏيندڙ پهريون طاقتور شخص هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انضمام الحق پنهنجي مستقبل بابت پريس ڪانفرنس ۾ اهم اعلان ڪندو.
ورلڊ ڪپ سان گڏ قومي سليڪشن ڪميٽي جي عهدي جو مدو ختم ٿي ويو آهي، پي سي بي نئين سليڪشن ڪميٽي لاءِ نوان ماڻهو مقرر ڪرڻ چاهي ٿو.