سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين کي 10 ڏينهن دوران پنهنجون ڪوتاهيون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ منرل واٽر ڪمپنين کي 10 ڏينهن دوران پنهنجون ڪوتاهيون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ جر جي پاڻي جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي تي هڪ ڪمپني جو پلانٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته خانگي ڪمپنين کي ڪوتاهيون ختم ڪرڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.
سپريم ڪورٽ عدالتي ڪميشن کي سڄي ملڪ ۾ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي انسپيڪشن ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن جي زندگي جو معاملو آهي، ڪوڙ ڳالهائي گندو پاڻي پياري رهيا آهيو، شهري بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن.
آڊيٽر جنرل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ڏيڍ ليٽر پاڻي جي بوتل تي پيڪنگ سميت 8 رپيا 79 پئسا لاڳت اچي رهي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عدالت پاڻي جي قيمت گهٽ ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، شهرين جي زندگي جو معاملو آهي، منرل واٽر جو ڪوڙ ڳالهائي پاڻي پياري رهيا آهيو، عدالت سخت ڪارروائي ڪندي، جيستائين وڏي ماڻهو ۾ هٿ نه پوندا، ٺيڪ ڪم نه ڪندا…………