سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جا حملا جاري
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جا حملا جاري آهن، جنهن سبب آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، جڏهن ته حڪومت طرفان جوڳا اپاءَ نه وٺڻ سبب نقصان وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
سکر جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جي حملن سبب آبادگار پريشاني جو شڪار آهن.
آبادگارن جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن.
شهدادڪوٽ ۾ ماڪڙ پهچڻ شرط ئي فصل کائي ناس ڪري ڇڏيا.
خيرپورناٿن شاھ جي ڪاڇي ۾ روحل گاڏھي، راڄي جو کوھ، مري جو کوھ، جوکئي جو کوھ، صديق گاڏھي، بگ ٻرڙا ۽ بيگو ديرو سميت سالاري واري علائقي ۾ ماڪڙ جوئر، ٻاجھر، تر، مڱ، گوار، مرچ، ٽماٽي ۽ ڪڻڪ کي کائي تباهه ڪري ڇڏيو.
سماجي اڳواڻ اين بي کوسو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪاڇي ۾ واحد معاشي مدار زراعت آھي، 10 سالن کانپوءِ غريب ماروئڙن مھانگا ٻج خريد ڪري پوک ڪئي، ماڪڙ جي حملن باوجود زراعت کاتو خاموش تماشائي بڻيل آهي.
دوداپور جي ڳوٺ پُنهُون ڀٽي، غلام قادر مندراڻي، ٻُڍاڻي چانڊيو سميت سوين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ لکن جي انگ ۾ ماڪڙ پُهچي ويا آهن.
آبادگارن جو چوڻ آهي ته ماڪڙ پوکيل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب کين وڏو نقصان ٿيو آهي.
هنن چيو ته ماڪڙ مار اسپري نه ٿيڻ جي صورت ۾ نقصان وڌڻ جو خدشو آهي.
پريالي شهر سميت حاجي محمد عثمان بلوچ ڳوٺ، نهال خان، حاجي الهداد بلوچ، ڳڙهي پٺاڻ سميت مختلف ڳوٺن ۾ ماڪڙ پهچي ويا آهن.
رهواسين جو چوڻ آهي ته ماڪڙ جنهن به وڻ ۽ گل جي ٻوٽن تي حملو ڪن ٿا، ڪجهه منٽن ۾ خالي ڪري ٿا ڇڏين.
ميروخان ۽ ڀرپاسي آبادگارن ماڪڙ ڏسندي ئي سارين جي فصل ۾ لابارو تيز ڪري ڇڏيو آهي.
پيروسڻ، بخش علي جمالي، کرڙاھ، ٽنڊو مير علي، مشوري چوڪ، سجاول فقير سيري، ڪورڪي، ملڪ چودڳي، ٽوٽاھ، جعفر خان، مکڻ خان، لونگ ملاح سميت مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ماڪڙ جا چئن ڏينھن کان ڪلور جاري آهن.
ماڪڙ ڪمند، ڪڻڪ، مڪئي ۽ سرنھن سميت چوپائي مال جي چاري لاءِ پوکيل گاھه، ڪيلن، ليمن، انبن جي باغن ۽ سبزين مٿان حملا ڪري ھزارين ايڪڙين کي کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
آبادگار وري ماڪڙ کي فصلن ۽ باغن تان مختلف طريقن سان ھڪلڻ ۽ ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.
آبادگارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.