ٻارن جي عالمي ڏينهن تي بلاول ڀٽو زرداري جو بيان جاري
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته والدين جو علاج ۽ ٻارن کي بهتر تعليم جي فراهمي رياستي ادارن جي اهم ذميواري آهي، ٻارن کي پرامن ماحول ڏيڻ لاءِ قوم کي غير معمولي ڪاوشون ڪرڻيون پونديون.
ٻارن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته پاڪستان جي هر ٻار ۾ ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو بڻجڻ جي صلاحيت موجود آهي، رڳو بهتر ماحول ۽ سهولتن جي ضرورت آهي.
هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ئي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٻارن لاءِ پوليو ويڪسينيشن جي شروعات ڪئي، سنڌ اسيمبلي طرفان ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيل قانونسازي سٺو سنئوڻ آهي پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ناانصافي، اڻ برابري ۽ غربت سبب پاڪستاني ٻار سهولتن کان محروم آهن، ٻارن جي ڀلائي پيپلز پارٽيءَ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
بلاول ڀٽو زرداريءَ وڌيڪ چيو ته ٻارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن اهي سٺا شهري بڻجي قومي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور حصو ملائين، پاڪستان جي مٿانهين مقام لاءِ ٻارن کي صحتمند بڻائڻو پوندو.