ميرپور خاص مان 43 ڊاڪٽرن کي ٿر بدلي ڪرڻ سبب ضلعي ۾ صحت جو بحران پيدا ٿي پيو
ميرپور خاص مان 43 ڊاڪٽرن کي ٿر بدلي ڪرڻ سبب ضلعي ۾ صحت جو بحران پيدا ٿي پيو، چونڊيل نمائندن جي لاپرواهيءَ سبب رهواسي صحت، تعليم ۽ پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن جي اڳواڻن ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو، ڊاڪٽر افضل لغاري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ مستقل بنيادن تي منصوبا بندي ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽرن جي بدلي سبب ٻين علائقن ۾ صحت جي حوالي سان بحران پيدا ٿيو آهي.
هنن چيو ته ميرپورخاص سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شهر آهي، پر هتي ڪا به يونيورسٽي ۽ ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد نه آهي.
سندن چوڻ هو ته ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر جي اسپتال جو ڪم ڪيتري ئي عرصي کان رولڙي جو شڪار آهي، رهواسي صحت، تعليم جهڙي بنيادي سهولتن کان محروم آهن.
اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن بدلي ٿيل ڊاڪٽرن کي واپس نه موڪليو ويو ته سول سوسائٽي سان گڏجي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
هنن سنڌ حڪومت ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڄاڻايل مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئڻ شهرين کي بنيادي سهولتون ملي سگهن…….