هن آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني آهي، پر سياست ناهي ڇڏي.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته هن آل پاڪستان مسلم ليگ جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني آهي، پر سياست ناهي ڇڏي.
مشرف پاران اي پي ايم ايل جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ جاري ڪيل هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته هن پارٽي جي سربراهي تان استعيفيٰ صلاح مشوري کانپوءِ ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين شپ لاءِ ڊاڪٽر امجد ۽ سيڪريٽري جنرل لاءِ مهرين ملڪ آدم بهترين شخصيتون آهن، پارٽي ڪارڪن کين سپورٽ ڪن.
اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو ته ڏيهه ورڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو ارادو هو پر ڪجهه رنڊڪون هيون.