فيض گنج: لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو
فيض گنج ويجهو لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙي سبب ٻنهي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ ڦولهڙي ۾ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب اسماعيل لاشاري، مکڻ، شهباز، ديدار علي جڏهن ته ٻي ڌر جو الهورايو لاشاري زخمي ٿي پيو آهي.
زخمين جي وارثن زخمين کي کڻائي ٿاڻي تي پهچايو، جتان زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي تھ ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ سرڪاري پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي تھ امن امان جي صورتحال تي ضابطوآڻڻ لاءِ پوليس ٻنهي ڌرين جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي جي 10 ماڻهن مٿان ٿاڻي تي ڌار ڌار اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.