پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا روحي بانو ڪيترو ئي عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي.
پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا روحي بانو ڪيترو ئي عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي.
اداڪاره جي ڀيڻ ياسمين موجب روحي بانو استنبول جي اسپتال ۾ گذريل 10 ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هئي، جنهن جي رات دير سان طبيعت خراب ٿي وئي.
هن چيو ته روحي بانو گڙدي جي مرض ۽ ڪيترو ئي عرصو نفسياتي مرض ۾ مبتلا هئي.
مشهور اداڪارا روحي بانو 10 آگسٽ 1951 تي ڪراچي ۾ ناليواري ڍولڪ نواز الله رکيا خان جي گهر ۾ اک کولي.
روحي بانو، ڪرن ڪهاڻي، زرد گلاب، دروازا سميت ڪيترن ئي ڪلاسڪ ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيو.
لجينڊري اداڪارا روحي بانو کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.
پاڪستاني ڊراما انڊسٽري تي 70۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ راڄ ڪندڙ اداڪارا نفسيات جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪئي پر اداڪارا جي پنهنجي سموري حياتي هڪ سانحي جيان گذري.
ٻن ناڪام شادين ۽ 2005ع ۾ جوان پٽ جي قتل کيس دماغي بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
روحي بانو پنهنجي حياتي جا آخري ڏهاڙا لاهور جي فائونٽين هائوس ۾ به گذاريا پر ڌمڪين کانپوءِ هوءَ ترڪي هلي وئي هئي، جتي اڄ سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
پنهنجي يادگار ڪردارن سبب هوءَ سدائين مداحن جي دلين ۾ زنده رهندي.
هواڏنهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين پاران روحي بانو جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي…………..