ڪراچي: سي ٽي ڊي هٿان دهشتگر گرفتار
سي ٽي ڊي پوليس ڪارروائي چيني قونصل خاني تي حملي جي مددگار کي شارجه مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ سي ٽي ڊي پابندي مڙهيل قومپرست پارٽي جي رميش ڪمار کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقتي ايڊيشنل آءِ جي سي ڊي ٽي عبدالله شيخ چيو ته چيني قونصل خاني ڪيس جي مک مددگار کي شارجه مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته جوابدار کي سي ٽي ڊي جي نشاندهيءَ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گرفتار ڪيو، جنهن کان جاچ جاري آهي.
عبدالله شيخ چيو ته گرفتار جوابدار جو نالو راشد جان بلوچ آهي، هو حملي وقت ڪراچيءَ ۾ موجود هو، کيس حملي لاءِ 9 لک رپيا مليا هئا، جيڪي هن چئن مختلف اڪائونٽن ذريعي جوابدارن ۾ ورهايا.
سندس چوڻ هو ته جوابدارن کي پاڪستان واپسيءَ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.
ايس ايس پي ناصر آفتاب موجب رحمان، مفتي شاڪر جو ويجهو ساٿي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته جوابدار، انسپيڪٽر شفيق تنولي ۽ ڊي ايس پي بهائوالدين جي قتل ۾ پڻ ملوث آهي.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عبدالله شيخ ٻڌايو ته ٻئي ڪارروائي دوران رميش ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو هڪ قوم پرست پارٽي سان تعلق رکي ٿو ۽ هو ڄامشوري ۾شفيع برفت گروپ جو نيٽ ورڪ هلائي رهيو هو، جڏهن ته ڀارت مان سکيا ورتل آهي.
سندس چوڻ هو ته جوابدار پڙهيل لکيل ۽ ڪريڪر ٺاهڻ جو ماهر آهي.
ايس ايس پي ناصر آفتاب چيو ته رميش ڪمار ملير ريلوي ٽريڪ ۽ صدر پارڪنگ پلازه ويجهو ڌماڪا پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هو بي ايل اي سان رابطي ۾ هو.
عبدالله شيخ ٻڌايو ته ٽئين ڪارروائي ۾ افغانستان سان تعلق رکندڙ تاجڪ شهري کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته سي ٽي ڊي جي چوٿين ڪارروائي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي چئن ٽارگيٽ ڪلرن کي حراست ۾ ورتو ويو……..