اوگرا پاران عوام مٿان پيٽرول بم ڪرڻ جو تياريون ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا ۽ 40 پيسا واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي
اوگرا پاران عوام مٿان پيٽرول بم ڪرڻ جو تياريون ڪندي پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا ۽ 40 پيسا واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.
آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي اوگرا پاران پيٽروليم سان لاڳاپيل شين جي قيمتن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيميت 5 رپيا 40 پيسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم سان لاڳاپيل شين ۾ اضافي جي سمري پيٽروليم کي ملي وئي آهي.
سمري ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيا 20 پيسا، مٽي جي تيل ۾ 12 روپيا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
لائٽ ڊيزل 10 رپيا 50 پيسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پيٽروليم سان لاڳاپيل شين جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ جو سلسو جاري آهي، هلندڙ مهيني نگران حڪومت اڳ ۾ ئي پيٽروليم جي شين جا اگهه وڌايا هئا.