اوگرا، پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جي سفارش
اوگرا، پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ جي سفارش ڪئي آهي
آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان پيٽروليم شين ۾ ڦيرڦار جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو في لٽر وڌائي نئين قميت 114 رپيا 24 پيسا في لٽر ۽ ڊيزل 127 رپيا 41 پيسا في لٽر ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
ذريعن ٻڌايو ته اوگرا لائٽ ڊيزل جو اگهه 6 رپيا 56 پيسا في لٽر ۽ گاسليٽ ۾ 2 رپيا 39 پيسا في لٽر گهٽتائي جي سفارش ڪئي آهي.
اوگرا طرفان هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۾ 27 پيسا في لٽر مهانگو ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي.
لائٽ ڊيزل جي نئين قمي 85 رپيا 33 پيسا ۽ گاسليٽ جو نئون اگهه 97 رپيا 18 پيسا في لٽر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.