اداڪارا ميرا جي فلم ”باجي“ جو ڌماڪيدار ٽريلر جاري
اداڪارا ميرا جي فلم ”باجي“ جو ڌماڪيدار ٽريلر جاري ٿي ويو، جنهن ۾ هڪ ڪامياب اداڪارا جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي کي بيان ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني اسڪينڊل ڪوئين اداڪارا ميرا ڊگھي عرصي کان پوءِ فلم “باجي” ذريعي فلم انڊسٽري ۾ واپسي ڪري رهي آهي.
فلم جي ٽيزر ۾ سندس اداڪاري ۽ اسٽائل سڀني کي متاثر ڪيو هو جنهن کي ڏسي مداح به ميرا جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ۽ فلمي شوقينن ان فلم کي ميرا جي فلمن مان ڌماڪيدار واپسي قرار ڏئي رهيا آهن.
فلم جي شاندار ٽيزر کانپوءِ شوقينن کي بي چيني سان ان جي مڪمل ٽريلر جو انتظار هو جيڪو جاري ڪيو ويو آهي.
ٽريلر مان فلم جي سموري ڪهاڻي واضح سامهون اچي رهي آهي جنهن ۾ هڪ ڪامياب اداڪارا شميرا جي عروج ۽ زوال کي وڏي خوبصورتي سان فلمايو ويو آهي.
فلم ۾ شميرا جو ڪردار اداڪارا ميرا ادا ڪري رهي آهي جنهن جو ڪيريئر ڏهن سالن تائين فلم انڊسٽري تي راڄ ڪرڻ کان پوءِ وڌندڙ عمر سبب زوال طرف وڌي رهيو آهي.
فلم ۾ ٻيو مک ڪردار اداڪارا آمنا الياس ادا ڪري رهي آهي، جيڪا فلم ۾ ميرا جي جاءِ والارڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ عثمان خالد بٽ، محسن عباس حيدر ۽ علي ڪاظمي شامل آهن، فلم 28 جون تي رليز ڪئي ويندي.